شاهه لطيف سينٽر آف ايڪسيلنس، ڀٽ شاهه

شاهه لطيف سينٽر آف ايڪسيلنس، ڀٽ شاهه

شاهه لطيف سينٽر آف ايڪسيلنس ڀٽ شاهه

شاهه لطيف سينٽر آف ايڪسيلنس، ڀٽ شاهه: قومي شاهراهه کان ڀٽ شاهه درگاهه ڏانهن ويندڙ رستي تي اترئين پاسي شاهه لطيف جي روضي کان اولهه طرف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران 1996ع ۾ هڪ عمارت جوڙائي وئي، جيڪا هڪ وڏي هال تي مشتمل آهي. هن هال ۾ 600 کن ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش رکيل آهي. هتي مختلف قسمن جا علمي، ادبي ۽ ثقافتي پروگرام، سيمينار ۽ ڪانفرنسون ڪرايون وينديون آهن. هن سينٽر جي اوڀر پاسي، ملاکڙا اسٽيڊيم ٺهيل آهي ۽ اولهه پاسي هڪ ميدان آهي، جتي ميلي وارن ڏينهن ۾، گهوڙن ۽ ڍڳن جي ڊوڙ جا مقابلا ٿيندا آهن. سينٽر جي اڳيان ڪشادو پارڪ به آهي، جنهن ۾ وڻ ۽ خوبصورت گل ٻوٽا پوکيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو